سومرو، غلام صديق:

سومرو، غلام صديق:

غلام صديق سومرو

غلام صديق سومرو: استاد، چترڪار، خطاط ۽ سماج سڌارڪ غلام صديق ولد غلام عباس سومري جو جنم، 8 مئي 1959ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ رتيديري ۾ حاصل ڪري، 1974ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان پاس ڪئي، 1976ع ۾ انٽر ۽ 1978ع ۾ بي.اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان پاس ڪيائين. ڪاليج جي تعليم دوران معاشي زندگيءَ جي شروعات محنت مزدوريءَ سان ڪيائين ۽ پن جي ٻيڙين ٻڌڻ جو هنر سکيائين، جنهن کانپوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ هو ٻيڙين جو ڪاريگر ٿي ويو. ان دوران هن مزدور يونين فيڊريشن ۾ شموليت اختيار ڪئي، جنهن جي جلسن ۽ جلوسن ۾ اڳ کان اڳرو رهندو هو. هو 1985ع ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو، جيڪا ذميواري پڻ هو نهايت ايمانداريءَ سان سر انجام ڏيندو رهيو. سرڪاري نوڪري ملڻ کانپوءِ هن ٻيڙين ٻڌڻ وارو ڪم ته ڇڏي ڏنو، پر مزدور يونين جو تاحيات ڪارڪن رهيو ۽ مزدورن جا مطالبا ۽ مسئلا مڃائڻ وقت ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وس وارن جا در کڙڪائيندو رهيو. غلام صديق سومري کي مصوريءَ سان لڳاءُ شروع کان ئي هو، هن پڙهائيءَ دوران اليمينٽري ۽ انٽر ڊرائنگ جا امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيا هئا، پوءِ عملي زندگيءَ ۾ آرٽسٽ جي حيثيت سان سامهون آيو، پر هن ڪڏهن به آرٽ کي روزگار جو ذريعو نه بڻايو، پنهنجي شوق ۽ لگن تحت نقشا، ڊزائينون، رنگين چارٽ ٺاهيندو هو. هن ڪنهن پراڻي سنڌي اخبار تان سمن جي دور جي آڳاٽي سنڌ جي نقشي جو خاڪو هٿ ڪري، ان کي نئين سر ڊزائين ڪيو، جيڪو سندس شاهڪار فنه پارن ۾ شمار ٿئي ٿو. غلام صديق فقيري طبيعت جو مالڪ هو، جنهنڪري صوفي بزرگن شاهه لطيف، رکيل شاهه ۽ شاهه عنايت جهوڪ واري جي درگاهن تي حاضري ڀريندو رهيو. صديق سومرو '>غلام صديق سومرو ’غمدل فقير ميلا ڪاميٽي رتيديري‘ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. ادب شناس ۽ راڳ شناس هئڻ ڪري پنهنجي گھر ۾ هڪ لائبرري پڻ ترتيب ڏني، جنهن ۾ سٺن ۽ ناياب ڪتابن ۽ ناياب ڪلامن جي رڪارڊنگ جو وڏو ذخيرو موجود هو. رتيديري جو شهري هئڻ ڪري سندس شهيد بشير خان قريشيءَ سان ذاتي ۽ گهرا لاڳاپا هئا، ان حوالي سان هن قومپرست سياست ۾ پڻ حصو ورتو. غلام صديق پنهنجي سڀاءَ ۾ کِل مُک، ملڻو جلڻو ۽ محبتي انسان هو. سندس دوستيءَ جو حلقو به وسيع هو. هن 4 آگسٽ 2008ع تي بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب وفات ڪئي.


لفظ غلام صديق سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو